SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪولمبو رٿا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪولمبو رٿا

Colombo Plan

ڪولمبو پلئن

هڪ رٿا، جنهن جو مقصد ڏکڻ ۽ اُوڀر ايشيا، ڪئناڊا، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سهڪار جي بنياد تي مالي ۽ فني امداد جي فراهمي آهي. جيئن ته اِن رٿا جو مقصد اهڙي تعاون جي سلسلي ۾ فقط هڪ ذريعو بڻجڻ آهي، تنهن ڪري ان جو ڪو مستقل هيڊ ڪوارٽر ڪونهي، پر لک پڙهه جو رڪارڊ رکڻ ۽ اطلاع ڏيڻ لاءِ ڪولمبو ۾ بيورو آفيس قائم ٿيل اٿس. هيءَ رٿا ميمبر مُلڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪولمبو ۾ ٿيل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ جنوري 1950ع ۾ قائم ٿي. ان جو رسمي افتتاح 1جولاءِ 1951ع تي ڪولمبو ۾ ٿيو. 1980ع کان اها رٿا غير موثر آهي. مُنڍ ۾ هندستان، پاڪستان، سريلنڪا، نيوزيلينڊ، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ برطانيا اُن جا ميمبر هئا. پر بعد ۾ آمريڪا ۽ جاپان سميت ٻيا ملڪ به ميمبر بڻيا ۽ ميمبرن جو تعداد 27 کي پهتو. رٿا جي ڪم جو دائرو هر سال ٿيندڙ مک گڏجاڻيءَ ۾ مقرر ٿيندو هو.


Remember Me Also:

آبي برج

ذ. علم نجوم موجب آسمان جي ٻارهن برجن مان آبي اثر رکندڙ بُرج ١. ورشچڪ = عقرب = وڇون، ٢. ڪرڪ = سرطان = کيکڙو، ٣. مين = حُوت = مڇي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal